آڏواڻي، نکل

آڏواڻي، نکل

نکل آڏواڻي

نکل آڏواڻي: بالي ووڊ جي نامور فلمي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ نکل آڏواڻيءَ، 28 اپريل 1971ع تي بمبئي، هندستان ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل سنڌ جا هئا، جيڪي ورهاڱي وقت پنهنجو وطن ڇڏي وڃي هندستان سهڙيا. هن جو والد هندستان ۾ دوائن جو وڏو واپاري آهي ۽ سندس ماءُ اشتهارن جي شعبي ۾ ناليواري فني ماهر ليکي وڃي ٿي. نکل ابتدائي تعليم گرين لان اسڪول ۽ بريچ ڪينڊي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد، ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرس، سينٽ ايشور ڪاليج بمبئيءَ مان ڪئي. هن فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات سڌير مشرا سان گڏ ’اس رات ڪي ڪبهي صبح نهين‘ (1996ع) نالي فلم ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ سان ڪئي. ان فلم ۾ نکل، فلمي منظر نامي لکڻ ۾ به ليکڪ سان شريڪ رهيو. ان کانپوءِ ڪرن جوهر جي پيءُ يش جوهر جي ’ڌرما پراڊڪشن‘ ۾ هن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ ڪرن جوهر سان گڏ ’ڪڇ ڪڇ هوتا هي‘ (1998ع) ۽ ’ڪبهي خوشي ڪبهي غم‘ نالي فلمن ۾ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. جيڪي فلمون نهايت ڪامياب ثابت ٿيون. هن جي ڊائريڪشن هيٺ ٺهندڙ پهرين فلم ’ڪل هو نا هو‘ هئي، جيڪا ڌرما پراڊڪشن پاران ٺاهي وئي. ان فلم 2003ع جي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ نکل کي پڻ هن ڪامياب فلم تي وڏي پذيرائي ملي. سندس ان فلم ڇهه ’فلم فيئر اوارڊ‘ حاصل ڪيا. ان کانپوءِ هن انفرادي طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ’سلام عشق‘ نالي سان بالي ووڊ جي ناليوارن اداڪارن جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم ٺاهيائين، جنهن ۾ سلمان خان، پريانڪا چوپڙا، سهيل خان، گووندا، جان ابراهم، عائشه کنا، جوهي چاولا، انيل ڪپور، وديا بالن ۽ ٻين اداڪاري ڪئي. اها فلم سنيل منچندا، مڪيش تلريجا ۽ چيتن موتيوالا پرڊيوس ڪئي. سندس هيءَ فلم 25 جنوري 2007ع تي رليز ڪئي وئي. ان کانپوءِ هن ڪيتريون ئي فلمون ڊائريڪٽ ڪيون، جن ۾ اهم هيٺيون آهن: ’اس رات ڪي صبح نهين‘ (1996ع)، ’چاندني چوڪ ٽو چائنا‘ (2009ع، ’پـٽـيـالا هائوس‘ (2011ع)، ’دهلي سفاري‘ (2012ع) ۽ ’محبتين‘، ’سلام عشق‘ فلم جو ليکڪ به پاڻ هو. هن وقت نکل آڏواڻي، بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ جي مڃيل ڊائريڪٽر طور سڃاتو وڃي ٿو. بمبئيءَ هندستان ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.04.28  عيسوي

بالي ووڊ جي نامور فلمي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ نکل آڏواڻيءَ، 28 اپريل 1971ع تي بمبئي، هندستان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالعزيز ميمڻ مولانا
بلو سي راڻي
شيخ فاضل شاهه قريشي
بروهي عبدالحليم
راجيو گانڌي
ابن الاثير
جارج-6
چندر سنگهه راڻو
پيارو منگي
رئيس بروهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون